پيرزادو حاجي محمد

پيرزادو حاجي محمد: پيرزادو حاجي محمد ولد دوست محمد صديقي، 1902ع ۾ ڳوٺ دودي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، وڌيڪ تعليم لاءِ اجازت نه ملڻ ڪري پنهنجي اباڻي پيشي يعني ٻني ٻاري ۽ پيري مريديءَ ۾ وقف ڪيائين، 1920ع ۾ سياست ڏانهن رجوع ٿيو، هارين، مزدورن جي حمايت ۽ انگريز راڄ خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪانگريس جماعت ۾ شامل ٿيو، 1940ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان قرارداد پاڪستان بابت منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ لاڙڪاڻي جي وفد ۾ ميمبر طور شريڪ ٿيو. بعد ۾ ڪامريڊ پيرزادو مسلم ليگ کي خدا حافظ چئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ سنڌ هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو، نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) ۾ به شامل رهيو، ڪامريڊ پيرزادو بزم شعراءِ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت ۽ بزم ادب لاڙڪاڻي ۾ به گهڻو سرگرم رهيو ۽ مزدورن، هارين ۽ سياسي ورڪرن ۾ شعور پکيڙڻ ۽ کين متحد ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين، ڪامريڊ پيرزادي حاجي محمد 21 مارچ 1970ع تي 68 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ پيرزادو حاجي محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

پيرزادو حاجي محمد 1902ع ۾ ڳوٺ دودي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو


1970.03.21  عيسوي

پيرزادو حاجي محمد 21 مارچ 1970ع تي 68 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دليپ ڪوٺارِي
ظفر حسن مرزا جسٽس
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
ابڙو نجم الدين
اختر مرزا
چانڊيو منير احمد
استاد پيارو خان
جمعو شيدي 1
اختر ٽانوري
اسڪو پارپولا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون